تاريخ جو سفر

تاريخ جو سفر (ڪتاب ):تاريخ جي موضوع تي اردو ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ ڊاڪٽر مبارڪ علي جي هن ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ابوبڪر شيخ ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ تاريخ جي موضوع تي ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جا 29 مختلف مضمون شامل آهن. مترجم ڪتاب بابت لکيو آهي ته، ”ڊاڪٽر مبارڪ علي جو هي ڪتاب تاريخ کي سمجهڻ ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن ڪتاب ۾ تاريخ تي انساني زندگيءَ جي ڳانڍاپن ۽ پوندڙ اثرن جو تجزياتي ۽ سائنسي بنيادن تي تبصرو ڪيو ويو آهي.“ ڊيمي سائيز جي ڪچي جلد سان هي ڪتاب، نيو فيلڊس پبلڪيشن حيدرآباد پاران 1992ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. 152 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 45 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو